اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪراچي ۾ 2 فيڪٽرين ۾ باهه وسائيندي شهيد ٿيندڙ 4 فائر فائٽرز کي خراج عقيدت پيش ڪندي باهه لڳ?? جي واقعن تي ض??بط?? آڻڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ت??ار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف باهه وسائيندڙ عملي جي ??هيد جوانن جي گهرڀاتين سان تعزيت ۽ زخمين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته خلقِ خدا جي ??ان بچائيندي شهيد ٿيندڙ فائر فائٽرز جي ??هادري ۽ خدمت جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وزيراعظم سنڌ حڪومت کي شهيد فائر فائٽرز جي گهرڀاتين جي مالي مدد ۽ ٻارن جي ??عليم ۽ ڪفالت جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم زخمين کي علاج جي ??هترين سهولتون فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ زخمين جي ??لد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.