اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي دهشتگرد حملي جي ح??الي سان لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم زخمين کي هر ممڪن طبي امداد جي فراهمي جي هدايت ڪئي. وزيراعظم دهشتگرد حملي جي ح??الي سان لاڳاپيل عملدارن کان رپورٽ طلب ڪري ورتيو. هن چيو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائينداسين. وزيراعظم ڌ??اڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيندڙن جي صحتيابي جي پڻ دعا ڪئي.