اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) انڊونيشيا جي سفير ايڊم ٽوگيو پرڏيهي وزارت ۾ پرڏيهي سيڪريٽري اسد مجيد خان سان مل??قات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي وسيع معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان پاران جاري ٽوئيٽ موجب هن واپار ۽ سيڙپڪاري تي خاص ڌيان ڏ??ڻ سان گڏ ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي اقتصادي ت??اون کي وڌائڻ جو عزم ڪيو.