اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف اٽلي ۾ ٻيڙي حادثي ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ پاڪ??تا????ن جي ٻڏي وڃڻ کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي پرڏيهي آفيس کي هدايت ڪئي آهي ته جلد حقيقتن کان قوم کي آگاهه ڪري. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اٽلي ۾ ٻيڙي جي حادثي ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ پاڪ??تا????ن جي ٻڏي وڃڻ جون خبرون انتهائي ??ريشان ڪندڙ ۽ ڳڻتي جوڳيون آهن. وزيراعظم پرڏيهي آفيس کي جلد کان جلد حقيقتون ڄاڻڻ ۽ قوم کي آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.