ڪراچي – 21 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سانگهڙ ضلعي جي صدر علي حسن هنڱورو سان سندس وڏي ڀاءُ علي انور هنڱورو جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظها?? ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ علي انور هنڱورو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظها?? ڪيو. هن چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ علي حسن هنڱورو جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آ??يان. الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.