اسلام آباد– 14 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام آباد ۾ شام جي سفارتخاني وڃي پاڪستان ۾ شام جي سفير سان پاڪستان پاران شام ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي تي افس??س جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير شام ۾ زلزلي سان ٿيندڙ قيمتي جاني ۽ مالي نقصان ت?? گهري ??ک ۽ افس??س جو اظهار ڪيو. هن شامي سفارتخاني ۾ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر پڻ قلمبند ڪي??. ب??اول ڀٽو زرداري چيو ته مشڪل ج?? گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام شامي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن.