اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ، عدليه، حڪومت ۽ واپ??ري برادري کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ۽ حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياسي، معاشي ۽ مالي استحڪام آڻڻ جي لاءِ عزم ۽ صلاحيت سان مسئلا حل ڪ??ڻا پوندا، سياسي ۽ جمهوري عمل جي خلاف اٿندڙ آوازن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت کي هر گذرندڙ ڏينهن سان برقرار ۽ مضبوط ٿيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سڄي ملڪ جي 54 چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن ۽ نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ۾ عورت چيمبرز آف ڪامرس، سمال اينڊ ميڊيم چيمبرز اف ڪامرس، اپٽما، پاڪستان پ??لٽ??ي ايسوسيئيشن ۽ استاڪ ايڪسچينج جا نمائندا شامل هئا. ملاقات ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، سرحد ۽ راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس ۽ فارماسيوٽيڪل سيڪٽر جا نمائندا به موجود هئا. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جي ڏس ۾ سمورين سياسي ڌرين جي اتفاق راءِ سان عام چونڊون منعقد ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن هڪ مڪمل نمائنده حڪومت جي چونڊ ڪري سگهجي جيڪا اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪرڻ ۽ مسئلن جو حل فراهم ڪري. صدر چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحون هڪ اهم فيصلو آهي جنهن سان ملڪ کي پنهنجي مالي ۽ اقتصادي مشڪلاتن کي حل ڪ??ڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته عوامي مينڊيٽ رکندڙ نمائنده حڪومت ئي پاڪستان جي عوام کي مشڪل فيصلن تي رضامند ڪري سگهي ٿي. صدر ملڪ ۾ سياسي استحڪام کي مالي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ بنيادي ۽ اهم ترين عنصر قرار ڏنو ۽ سمورين سياسي ڌرين تي زور ڏنو ته اهي عام چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ متفقه تاريخ جي تعين جي لاءِ فوري طور تي ڳالهيون ۽ غور فڪر شروع ڪ??. ه?? سوال جي جواب ۾ صدر اسٽيبلشمينٽ پاران سياسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ جي ارادي کي ساراهيو ۽ سياسي قوتن تي زور ڏنو ته اهي گڏيل طور تي ان موقعي مان فائدو کڻن ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ جمهوري طريقيڪار جو سهارو وٺن ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪن. صدر چيو ته ملڪ جو گهڻو درآمدي بل توانائي جي پيداوار ۽ چرپر جي لاءِ استعمال ٿيندڙ پيٽروليم مصنوعات تي ٻڌل آهي، توانائي، پاڻي ۽ گئس جي بچت جي هڪ گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪري ان لاڳت کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن واپار ۽ صنعت کي گرين توانائي طرف منتقل ڪ??ڻ تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نه رڳو درآمدي بل کي گهٽ ڪري سگهجي پر ماحوليات کي به محفوظ بڻائي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ڪوويڊ 19 جي وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪيا ۽ سمورين ڌرين جي ٺوس ڪوششن جي ذريعي وبائي مرض کي موثر انداز ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ملي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جو طريقو اختيار ڪري اسان سياسي، اقتصادي ۽ مالياتي محاذن تي قوم کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪندي انهن کي حل ڪ??ي سگهون ٿا. صدر چيو ته وومين چيمبرز آف ڪامرس کي عورت انٽرپرينيورز ۽ اسٽارٽ اپس کي قيادت فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۽ قائم ڪرڻ جي لاءِ بئنڪن کان قرض حاصل ڪ??ڻ ۾ مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيتوڻيڪ بئنڪن قرضن جي لاءِ درخواست ڏيندڙ عورتن کي 100 سيڪڙو قرض فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو آهي پر بدقسمتي سان عورتن پاران مختص قرضن مان رڳو 5 سيڪڙو ئي حاصل ڪيو ويو. هن ميٽا پاران شروع ڪيل هنرمندي جي تربيتي پروگرامن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن عورتن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب مهارت حاصل ڪ??ڻ ۽ انهن جي مصنوعات ۽ خدمتن کي آن لائين وڪرو ڪرڻ ۾ مدد ملي. هن چيو ته ملڪ ۾ خاص طور تي هيٺئين سطح تي ڪاٽيج انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪاروب??ري برادري تي زور ڏنو ته ڪم ڪندڙ عورتن کي هراسان ڪرڻ کان پاڪ ڪم جي ماحول جي فراهمي، عورتن جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي مالياتي طور تي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. هن ذهني ۽ نفسياتي مرضن ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جهڙن صحت جي مسئلن تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول جي نظام ۾ آڻڻ جي ڪوششن ۾ پڻ ڪاروب??ري برادري جي فعال شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۾ ٻارن جي پرائمري اسڪولن ۾ داخلا جي شرح جي مايوس ڪندڙ صورتحال تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو عالمي بئنڪ جي تازه ترين رپورٽ موجب پاڪستان ۾ رڳو 68 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ اها شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اها هڪ سنگين صورتحال آهي ۽ ڪاروب??ري برادري سميت سمورين ڌرين کي ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فيصلائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واپ??ري برادري جي تجويزن تي تبصرو ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي ٽرسٽ قانونن ۾ ترميمن جي ضرورت آهي ته جيئن ٽرسٽ جي رجسٽريشن ۽ آپريشن کي آسان بڻائي سگهجي جنهن سان ملڪ ۾ ڪاروبار جي فروغ ۾ مدد ملندي. هن موجوده صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪاروب??ري برادري کي درپيش مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪ??ڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ جلد مشاورتي عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن واپ??ري برادري جي ٽيڪس، امپورٽ ڪليئرنس ۽ لائنز آف ڪريڊٽ کولڻ جي حوالي سان مسئلا حل ڪ??ڻ ۾ مدد ملي. ملاقات دوران واپ??ري برادري جي نمائندن ملڪ جي معاشي صورتحال جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ موجوده مسئلن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حل تجويز ڪيو.