اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل عرب ??ما??ات (يو اي اي) جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل عرب ??ما??ات جي قيا??ت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب ??ما??ات جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن جيڪي گڏيل ورثي ۽ گهڻ رخي تعاون تي ٻڌل آهن، پاڪستان جي عوام گڏيل عرب ??ما??ات کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿي. اها ڳالهه هن گڏيل عرب ??ما??ات جي 51 هين قومي ڏهاڙي جي موقعي تي تقريب ۾ ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران يو اي اي جي سفير کي خيرسگالي ۽ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو. هن چيو ته ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا اسان جي ٻطرفن لاڳاپن جو اهم حصو آهن، يو اي اي پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي جنهن جو پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي غيرملڪي سيڙپڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب ??ما??ات جي لاڳاپن جي وڌيڪ مضبوطي جي لاءِ دعاڳو آهيون. تقريب ۾ گڏيل عرب ??ما??ات جو قومي ترانو ۽ روايتي رقص پڻ پيش ڪيو ويو جڏهن ته پارليامينٽ ميمبر، سياسي اڳواڻن سميت مختلف ملڪن جا سفارتڪار به ان موقعي تي موجود هئا. يو اي اي جي سفير پاڪستان ۽ گڏيل عرب ??ما??ات جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو.