اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دماغ?? صحت بابت هڪ ٺوس ۽ موثر آگاهي مهم شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شروعاتي مرحلي ۾ تشخيص جي ڪري ذهني ۽ نفسياتي مرضن تي آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو، آن لائين مينٽل ه??لٿ پورٽلز، ورچوئل پروگرامز، مصنوعي ذهانت،مينٽل ه??لٿ چيٽ بوٽس ۽ هيلپ لائينز جي استعمال سان گڏوگڏ لاڳاپيل سرڪاري ۽ ٻين ڌرين کي متحرڪ ڪرڻ ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي موجوده انفراسٽرڪچر کي مضبوط بڻائڻ ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ڪوششن ??ي وڌيڪ وڌائڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ذهني ۽ نفسيات?? صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. پاڪستان ۾ ڀلائي ۽ ذهني مرضن جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيم تسڪين ه??لٿ انيشي ايٽو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڊاڪٽر عرفان مصطفيٰ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته دماغي ۽ ذهني مرضن جي 200 کان وڌيڪ شڪليون آهن جن تي شروعاتي مرحلي ۾ تشخيص جي ڪري آساني سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو جڏهن ته ان سان وسيلن جي لحاظ کان صحت جي نظام تي بار به گهٽ ٿي سگهي ٿو. صدر ان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته مجموعي مرضن ۾ دماغي مرض جو تناسب 4 سيڪڙو کانوڌيڪ آهي ۽ ان ۾ عورت مريضن جو انگ وڌيڪ آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ هڪ اندازي موجب 24 ملين ماڻهو اهڙا آهن جن کي نفسياتي امداد جي ضرورت آهي پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ هڪ لک ماڻهن جي لاءِ رڳو 0.19 ماهر نفسيات دستياب آهن، اها صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي ۽ ان سلسلي ۾ فوري قدمن جي ضرورت آهي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بنياد?? صحت جي نگهداشت جي شعبي ۾ ضروري افرادي قوت کي تعليم ۽ تربيت ڏئي ذهن?? صحت کي بنياد?? صحت جي سارسنڀال جي نظام ۾ بنيادي خدمتن جي طور تي شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته موجوده پروگرامن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي وڌائڻ گهرجي، ضروري قانونسازي ۾ سڌارا آندا وڃن ۽ پبلڪ ۽ پرائيويٽ سيڪٽرز ۾ ڌرين جي وچ ۾ گڏيل تعاون تي ٻڌل نيٽ ورڪنگ کي فروغ ڏنو وڃي. صدر چيو ته ذهن?? صحت جي نگهداشت جو هڪ قومي منصوبو شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ عوامي آگاهي مهم، قومي دماغ?? صحت جي هيلپ لائين، بنياد?? صحت جي يونٽن ۾ ذهن?? صحت جو انضمام، بنياد?? صحت جي سارسنڀال ڪندڙ ڪارڪنن جي تربيت ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي موجوده پروگرامن کي اڳتي وڌائڻ شامل آهي. هن وڌيڪ چيو ته دماغ?? صحت جي سهولتن جي پهچ کي وڌائڻ جي لاءِ سمورين ڌرين جي وچ ۾ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، جنهن ۾ ماڻهن کي خاص طور تي محروم علائقن ۾ غيرمراعت يافته آبادي جي لاءِ مشاورت 7 شروعاتي تشخيصي اوزارن جي فراهمي شامل آهي. صدر دماغ?? صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڌرين بشمول پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کانسواءِ ڊيجيٽل ۽ سوشل ميڊيا سان حصيداري تي پڻ زور ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ جي ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ صحتمند معاشري جي تعمير جي لاءِ ذهن?? صحت اهم حيثيت رکي ٿي. صدر عارف علوي چيو ته عالم سڳورن ۽ پيش امامن ۽ مسجدن جي ذريعي دماغ?? صحت بابت معلومات عام ماڻهن تائين پهچائڻ سان ذهن?? صحت سان واڳيل ممنوعات کي ٽوڙڻ ۽ ان حوالي سان ماڻهن کي روين ۽ طرزعمل کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن سوشلم يڊيا مهم شروع ڪرڻ، ڪميونٽي تي ٻڌل وڊيو ا??ڪر??ننگ ۽ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين کي ذهن?? صحت بابت آگاهي مهم ۾ شامل ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. صدر چيو ته خاتون اول ثمينه علوي جي ٺوس ڪوششن ۽ قيادت جي ڪري بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي جو هڪ مڪمل ٺوس ماحولياتي نظام بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون، ان لاءِ بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم، پوليو مهم ۽ ڪوويڊ 19 جي خلاف حڪمت عملي سان حاصل ٿيندڙ تجربي سان ذهن?? صحت بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي مهم کي موثر بڻائڻ جي لاءِ پڻ فائدو کڻي سگهجي ٿو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:08