اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سينيئر صحافي ار??د شريف مرحوم جي گهر وئي ۽ سندس والده سان تعزيت جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم ار??د شريف جي گهرواريءَ، ٻارن ۽ سمورن گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا مان ار??د شريف جو لاش پاڪستان آڻڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻي رهي آهي. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ٽيليفون تي ار??د شريف جي والده سان تعزيت ۽ گهرڀاتين سان همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ار??د شريف جي مارجڻ جي خبر تمام گهڻي ڏکوئيندڙ آهي، ار??د شريف جي والده وزيراعظم کي پنهنجي پٽ ار??د شريف جي ميت جلد پاڪستان آڻڻ جي درخواست ??ئي. وزيراعظم خاطري ڪرائي ته ان سلسلي ۾ سمورا قدم هنگامي بنيادن تي کنيا پيا وڃن. مرحوم ار??د شريف جي والده وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته توهان منهنجي ننڍي پٽ ار??د شريف جي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي به تعزيت جي لاءِ گهر آيا هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ڪينيا جي حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ آهي، مرحوم ار??د شريف جي مڙهه کي وطن واپس آڻڻ جي لاءِ پرڏيهي ۽ گهرو وزارتن کي فوري قدمن جي ه??اي?? ڪري ڇڏي آهي. وزيراعظم پرڏيهي سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي ميت جي واپسي جو عمل تيز ڪرڻ ۽ ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ڪينيا جي عملدارن سان رابطي ۾ رهڻ جي ه??اي?? ??ئي. وزيراعظم چيو ته ٻنهي وفاقي سيڪريٽرين کي ميت جي وطن واپسي جي سمورن مرحلن جي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ جي ه??اي?? ڪئي آهي. وزيراعظم مرحوم جي والده کي يقين ڏياريو ته ضابطي جي ڪارروائي مڪمل ٿيندي ئي مرحوم ار??د شريف جو مڙهه پاڪستان آندو ويندو.