اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اس??يڪ?? راجا پرويز اشرف ۽ ڊپٽي اسپيڪر ز??هد اڪرم دراني ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاد رياست جي 75هين تاسيس ڏهاڙي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 75 سال اڳ اڄ جي ڏينهن ڪشميري ??وام آزادي جي جدوجهد جي ذريعي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو بنياد رکيو. آزاد ڄمون ۽ ڪشمير رياست جو بنياد ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڪشميري ??وام ڀارتي قبضي کان آزادي چاهي ٿي. ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جو سفر اڃا جاري ??هي. ڪشميري ??وام پنهنجي خودمختياري ??ي حق لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. اس??يڪ?? چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت ڪشميري ??وام جي خودمختياري ??ي حق تي راتاهو هنيو ۽ ڀارت لکين غيررياستي رهواسين کي ڊوميسائيل جاري ڪري گڏيل قومن جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي. ڀارت غيررياستي رهواسين کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڊوميسائيل جاري ڪري مسلمان اڪثريت ک?? اقليت ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جا ڪڌا حربا ڪشميري ??وام جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري ??گهن. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ??نيا جي هر فورم تي ڪشم??ري?? جي حقن لاءِ ڀرپور طريقي سان آواز بلند ڪري ??هيو آهي. ڊپٽي اس??يڪ?? چيو ته ڀارتي حڪومت جي رياستي دهشتگردي ڪشم??ري?? جي عزم کي شڪست نه ٿي ڏئي سگهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ پارليامينٽ سدائين ڪشمير جو ڪيس هر فورم تي ڀرپور انداز ۾ وڙهيو آهي. خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪشمير مسئلي جو ڪشميري ??وام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ضروري ??هي.