راولپنڊي-12 اپريل (اي پي پي) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ 79هين فارميشن ??مانڊورز ڪانفرنس جي ايڇ ڪيو ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ڪور ڪمانڊرز، پرنسپل اسٽاف آفيسرز ۽ پاڪ فوج جي سمورن فارميشن ??مانڊرز شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي پيشوراڻي معاملن، قومي سلامتي جي درپيش چئلينجز ۽ روايتي ۽ غير روايتي خطرن کي مُنهن ڏين لاءِ کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. آرمي چيف اُڀرندڙ چئلينجز کي مُنهن ڏين لاءِ فارميشنز جي آپريشنل تيارين ۽ ردعمل جي طريقيڪار تي اطمينان جو اظهار ڪ??و. ??ورم سرحدن جي حفاظت ۽ عوام جي حفاظت کي يقيني بنائڻ لاءِ آفيسرن ۽ جوانن جي عظيم قربانين کي زبردست خراج تحسين پيش ڪ??و. ??ورم ڪجهه حلقن طرفان پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ ۽ اداري ۽ معاشري وچ ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي تازي پروپيگنڊا مهم جو نوٽيس ورتو ۽ قر??ر ڏنو ته پاڪستان جي قومي سلامتي مقدم آهي، پاڪ فوج ان جي حفاظت لاءِ ڪنهن به سمجهوتي کانسواءِ هميشه رياستي ادارن سان گڏ بيٺل رهي آهي ۽ رهندي. فارميشن ??مانڊرز آئين ۽ قانون جي حڪمراني کي هر قيمت تي برقرار رکڻ جي عسڪري قيادت جي فيصلن تي ڀرپور ۽ مڪمل اعتماد جو اظهار ڪ??و. ??اڪ فوج پنهنجي ذميوارين کان آگاهه آهي ۽ هر طرح جي حالتن ۾ سڀني اندروني ۽ ٻاهرين خطرن خلاف پاڪستان جي علائقائي سالم??ت ۽ خودمختياريءَ جو دفاع جاري رکندي.