اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رح??ان چيو آهي ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙو فيصلو ٿيو ته پاڪستان بدترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، اڄ سڄي ??لڪ جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پيپلز پارٽي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيري رح??ان چيو ته اسان نٿا چ??هي??ن هڪ تڪراري اليڪشن ٻيهر ٿئي، چ??هي??ن ٿا ليول پليئنگ فيلڊ هجي، اسان بار بار واضح ڪيو آهي ته ??ون?? سڌارا هجڻ گهرجن، اسانکي اهو قابل قبول نه ٿيندو ته سڌارن کانسواءِ ايندڙ ??ون??ن لاءِ وڃون، گڏجي ويهي ??ون?? سڌارا ڪريون، ??ون?? قانونن ۾ ترميم ڪري اسان اڳتي وڌنداسين. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ پڻ اربع تي کلواڙ ڪيو ويو، آئيني حقن کي سلب نه ڪيو وڃي، ان رواج کي هٿي نه ڏنو وڃي. شيري رح??ان چيو ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙو فيصلو ٿيو ته پاڪستان بدترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، پنجن ڏينهن کان سڄو ??لڪ معطل آهي، پاڪستان جي آئين کي انصاف گهرجي، اهو عوام جو ڪيس آهي، سڄي ??لڪ جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو. هن چيو ته ڇا اسانجا سمورا ايم اين ايز غدار آهن ان حوالي سان اسانکي ٻڌايو وڃي، ثبوت کڻي اچو اسان پڻ ڏسنداسين ته ڪير غدار آهي، تحريڪ انصاف اڳ ۾ ئي حق ۽ انصاف جو دامن ڇڏي ڏنو هو. ان موقعي تي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پنجون ڏينهن آهي اسانجو ??لڪ آئين کانسواءِ هلي رهيو آهي، اسان ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف پاڻ مرادو نوٽس جي ٻڌڻي ڪندڙ ??ين?? کي قبول ڪيو آهي، اسانجي ڪوشش هئي ته فل ڪورٽ ??ين?? بڻائي وڃي. هن چيو ته 176 پارليمينٽيرين تي غداري جو الزام لڳايو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ته غدار ڪير آهي