اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن سميت سمورن پ??ڪستاني شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته هو ملڪي مستقبل ۽ جمهوريت جي خاطر 27 مارچ تي گهرن کان ٻاهر نڪرن، اسان عمرا?? خان ۽ آئين پ??ڪستان سان گڏ بيٺل آهيون، سمورن اتحادين سان رابطو آهي، ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ زيرڪ ۽ سلجهيل سياستدان آهن، منهنجي خيال ۾ اهي مخالف ڌر جي هنج ۾ نه ويهندا. پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرڏ??هي وزير چيو ته اڄ وزيراعظم قوم کي واضح پيغام ڏنو آهي ته فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي ته توهان کي چڱائي يا برائي مان ڪهڙي طرف بيهڻو آهي، پرڏ??هي وزير چيو ته هڪ طرف مفاد پرستن جو ٽولو آهي جنهن کي ملڪي مفادن، معيشت ۽ نه ئي اقتصادي ضرورتن سان ڪو واسطو آهي، اهي ماڻهو هڪ نڪاتي ايجنڊا تحت عمرا?? خان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۽ لُٽ مار لاءِ رستو هموار ڪرڻ چاهي ٿو. انهن جو منشور هڪ آهي نه ئي پارتٽي جهنڊو هڪ آهي، انهن ماڻهن پوري قوم کي پريشان ڪري رکيو آهي، پرڏ??هي وزير چيو ته آئون پ??ڪستان جي سمورن باشعور شهرين کي گذارش ڪريان ٿو ته هو 27 مارچ تي پنهنجي گهرن کان ٻاهر نڪرن ۽ پريڊ گرائونڊ اسلام آباد ۾ پنهنجي موجودگي کي يقيني بڻائين. اسان عمرا?? خان ۽ جمهوريت سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جا پنجاب، ڪي پي ڪي، آزاد ڪشمير سميت سمورن ماڻهن سان رابطا ٿي رهيا آهن، ڪي پي ڪي کان ماڻهن جو سمنڊ ايندو. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏ??هي وزير چيو ته اسان جا اتحادين سان رابطا آهن، اهي آزاد آهن، مون کي يقين آهي ته اهي مناسب وقت تي مناسب فيصلو ڪندا، هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڏسڻو پوندو ته اهي پي ٽي آءِ کا?? عليحدگي اختيار ڪري ڪنهن سان گڏ وڃي رهيا آهن، پي پي سان گڏ، ان پ پ پ خلاف ته ڪجهه ڏينهن اڳ احتجاج ڪري رهي هئي ته انهن ڪراچي سان ناروا سلوڪ ڪيو، انهن جا فنڊ هڙپ ڪيا، جيڪي بلدياتي قانون کڻي آيا ان تي ته پوري سنڌ سراپا احتجاج آهي، اهي سنجيده ۽ سلجهيل ماڻهو آهن، منهنجي خيال ۾ ته هو انهن جي هنج ۾ نه ويهندا. پرڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي او آءِ سي اجلاس جي حوالي سان چيو ته اسلام آباد ۾ او آءِ سي پرڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي انتهائي ڪامياب انعقاد سان پوري امت ۾ پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي، هن چيو ته او آءِ سي جي پرڏ??هي وزيرن به پاڪستان جي لاءِ خيرسگالي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته او آءِ سي جي پرڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي سربراهه هجڻ جي ناطي پاڪستان، او آءِ سي جي منظور ڪيل قراردادن تي عملدرآمد جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي غرض سان هڪ ٻيو وزارتي اجلاس طلب ڪندو. پرڏ??هي وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته او آءِ سي اجلاس ۾ ٻين نمايان تڪرارن کي به ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ايڪشن پلان تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته ايڪشن پلان ان سلسلي ۾ او آءِ سي سيڪريٽريٽ جي ڪردار جو تعين ڪندو آهي.