اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول جو پنجن ڏينهن جو الٽيميٽم زمين بوس ٿي ويو ته هاڻي 24 ڪلاڪن تي اچي ويو آهي، حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگ??ام کي ختم نه ڪيو پر احساس پروگ??ام جي ڇٽي هيٺ 34 پروگ??ام جاري ڪيا، سماجي تحفظ جي پروگ??ام جي بجيٽ 85 ارب روپين کان وڌائي 260 ارب روپيا ڪئي وئي آهي، جڏهن عمرا?? خان حڪومت پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي ته مخالف ڌر کي اهو به هضم نه ٿي رهيو هو. بلاول ڀٽو جي خطاب تي پنهنجي ردعمل ۾ مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو ته اسان بلاول کي يقين ڏياريون ٿا ته 2023ع جون چونڊون صاف ۽ شفاف ٿينديون، بلاول جي پارٽي جو پنجاب ۾ جيڪو حال آهي اهو ڪنهن کان لڪل نه آهي، يونين ڪائونسل جي اليڪشن کٽڻ جي به سگهه نه آهي، اسيمبليون به قائم رهنديون ۽ ??زي??اعظم عمرا?? خان به. ناڪامي ۽ رسوائي مخالف ڌر جو مقدر آهي. بلاول ڀٽو جي شوقيه مارچ جي شروعات کان اڄ تائين عوامي خدمتن جي ڪنهن ايجنڊا تي ڳالهه ٿي هجي ته اسان کي ٻڌايو وڃي، مملڪتي ??زي?? فرخ حبيب چيو ته سنڌ ۾ ڪيٽ شو تي سرڪاري وسيلن جو بيدردي سان استعمال ٿيو، پي ٽي آءِ جمهوري قدرن جو خيال رکندي آهي، مارچ ۾ ڪٿي به رڪاوٽ نه وڌي وئي، هاڻي مارچ ۾ ڪيترا ماڻهو آهن اهو ته بلاول ڀٽو به ٻڌائڻ جي همت نٿو رکي، عمرا?? خان کان حساب ??هرڻ وارا پهرين 15 سالن جو حساب سنڌ جي عوام کي ڏين ۽ 2018ع ۾ عوام عمرا?? خان کي مينڊيٽ ڏنو آهي ۽ ان جو مدو 2023ع تائين آهي.