اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته وزيراعظم جو چين جو دورو اسان جي اميدن کان به وڌيڪ ڪامياب رهيو، سرمائي اولمپڪس تقريب ۾ مختصر پاڪستاني دستي جو چيني عوام جهڙي طرح استقبال ??يو ان جو مثال نه ٿو ملي، چين ۽ پاڪستان هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هئا ۽ بيٺل رهندا، والاريل ڪشمير جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي، مارچ جي آخري هفتي ۾ چين جو دورو ڪندس، بيجنگ ۾ افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن جو اهم اجلاس ٿيندو. وزيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏي??ي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان جي چين جي صدر شي جن پنگ سان تفصيلي ملاقات ٿي، جڏهن ته ملاقات ۾ گڏيل لاڳاپن ۽ سي پيڪ منصوبن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته صدر شي جن پنگ سان ايتري ٺوس ۽ تفصيلي ملاقات اڳ ۾ ناهي ٿي. وزيراعظم عمران خان جون ناليوارين چيني ڪمپنين سان 18 کان 20 ملاقاتون ٿيون. پرڏي??ي وزير چيو ته پنهنجي چيني هم منصب وانگ يي سان ملاقات ۾ طئي ٿيو ته افغان صورتحال جي حوالي سان مارچ جي آخري هفتي ۾ چين جو دورو ڪندس، افغان معاملي تي حڪمت عملي طئي ڪرڻ جي ??اءِ بيجنگ ۾ افغانستان جي سمورن ويجهي پاڙيسري ملڪن جو به اهم اجلاس ٿيندو. شاهه محمود قريشي چيو ته چين افغانستان ۾ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو آهي، ان کانسواءِ چين، پ??ڪستان ۽ افغانستان جي ??ه ڌريي گروپ کي ٻيهر فعال ??نداسين. پرڏي??ي وزير چيو ته مودي جي حڪومت جي دور ۾ مسلمانن سميت ڀارتي اقليتن تي ظلم ڪيا پيا وڃن، ڀارت ۾ مسلمانن سميت سمورن اقليتن سان ٿيندڙ اڻوڻندڙ سلوڪ تي سخت ڳڻتي آهي، اتي انساني حقن کي پائمال ??يو پيو وڃي. هن چيو ته والاريل ڪشمير تي چين پاڪستان جي ??وقف جي ??ڪمل حمايت کي ورجايو آهي، والاريل ڪشمير جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان جي سوچ ۾ هڪ جهڙائي آهي. هن چيو ته چين جي ??يادت سان اقتصادي تعاون جي ??ڌيڪ فروغ بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، وزيراعظم عمران خان چين جي ??اليوارين ٿنڪ ٽينڪس ۾ پاڪستان جي ??وقف کي اجاگر ڪيو. پرڏي??ي وزير چيو ته پاڪستاني دستي جو اسٽيڊيم اچڻ تي چيني عوام جهڙي طرح استقبال ??يو ان جو مثال نه ٿو ملي، فيصلو ٿيو آهي ته ڪامياب چين جي دوري جي ??تيجن کي يقيني بڻائڻ جي ??اءِ فالو اپ مڪينزم بڻايو ويندو.