اسلام آباد – 20 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوامي مسئلن جي حل بابت غلط بياني ڪندڙ آفيسرن جي خلاف فوري ڪاررو??ئي ڪئي ويندي، سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن کي پاڻ مانيٽر ڪندو آهيان، شهرين جي شڪايتن جي حل تي غلط بياني ڪندڙ آفيسرن سان رعايت نه ڪئي ويندي. پي ايم ڊي يو جي رپورٽ کانپوءِ وزيراعظم صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ آءِ جيز کي هدايت ڪندي چيو ته عوامي مسئلن جي حل ۾ ڪوتاهي بلڪل برداشت نه ڪئي ويندي. سٽيزن پورٽل تي عوامي مسئلن جي حل ۾ سرڪاري آفيسرن جي جعلسازي جي انڪشاف ۽ آفيسرن جي خل??ف ڪاررواين جي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي. پي ايم ڊي يو 254 سرڪاري افيسرن جي ڊيش بورڊز تي جعلسازي تي رپورٽ تيار ڪئي. وزيراعظم عمران خان کي پي?? ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عوامي شڪايتن تي ڪاررو??ئي بابت غلط بياني تي سرڪاري آفيسرن جي خل??ف ڪاررو??ئي ڪئي وئي. رپورٽ موجب پنجاب جي 154، خي??رپ??تونخواهه جي 86، سنڌ جي 3 ۽ وفاق جي 11 آفيسرن جي ڊيش بورڊز جي جاچ ڪئي وئي. جاچ ۾ پنجاب جا 44 سرڪاري اهلڪار جعلسازي ۾ ملوث قرار ڏنا ويا. رپورٽ ۾ چيف سيڪريٽري خي??رپ??تونخواهه 39 سرڪاري اهلڪارن جي خل??ف ڪاررو??ئي جڏهن ته جعلسازي ثابت ٿيندڙ سرڪاري ملازم معطل ڪيا ويا. آءِ جي پنجاب جي جاچ کانپوءِ 45 سرڪاري اهلڪارن جي خل??ف ڪاررو??ئي ڪئي وئي جڏهن ته آءِ جي خي??رپ??تونخواهه جي 10 اهلڪارن ۽ آءِ جي سنڌ جي 3 سرڪاري اهلڪارن جي خل??ف ڪاررو??ئي ٿي.